تفصيل موجب پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي، نجڪاري جي عمل ۾ ڪمپنين شرڪت ڪئي.سنگل بولڊر بليو ورلڊ سٽي ڪنسورشيم پي آءِ اي لاءِ بڊ جمع ڪرايو، بليو ورلڊ سٽي ڪنسورشيم کان سواءِ ڪنهن به گروپ خريداري لاءِ بوليون جمع نه ڪرايو.پرائيويٽائيزيشن ڪميشن بليو ورلڊ سٽي ڪنسورشيم سان معاهدي جي بنيادي خصوصيتن تي اتفاق ڪيو آهي.نجڪاري ڪميشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي ملازمن کي 18 مهينن لاءِ ملازمت ڏني ويندي ۽ 18 مهينن کانپوءِ 70 سيڪڙو ملازمن کي ٻيهر نوڪري جا خط ڏنا ويندا.معاهدي تحت سيڙپڪار ڪمپني 5 سالن دوران 300 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندي ۽ پي آءِ اي جي فليٽ جو انگ 45 تائين وڌايو ويندو جڏهن ته ايئر لائن پنهنجي سمورن روٽس تي سروس بحال ڪندي.بليو ورلڊ سٽي ڪنسورشيم سان بڊ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ به ڳالهين جو عمل ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن بولي گهٽ ٿي ته بليو ورلڊ سٽي ڪنسورشيم کي مختلف آپشن ڏنا ويندا.سنگل بيڊرز سان ڪامياب بولڊنگ لاءِ ضابطن ۾ ترميمون پڻ ڪيون ويون آهن، پي آءِ اي جي بولڊنگ جي حتمي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي.پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ بولن جي افتتاح شام 6:30 وڳي ٿيندي.