مرمت دوران ڪار جي ٽانڪي ۾ ڌماڪو، 2 ڄڻا فوت

تفصيل موجب شهدادڪوٽ ۾ مرمت دوران ڪار جي ٽانڪي ۾ ڌماڪو ٿيو. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 15 ورهين جو ڇوڪرو زخمي ٿي پيو، جڏهن ته خالي ڪار جي ٽينڪ کي گيس ويلڊنگ ذريعي مرمت ڪيو پيو وڃي. فوتي ڊرائيور جي سڃاڻپ ياسر ۽ شمس جي نالن سان ٿي آهي، زخمي نوجوان شاهجهان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ فيصل آباد جي علائقي سلطانپور ۾ هڪ گهر ۾ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل جي بيٽري ڦاٽڻ سبب سڙي فوت ٿي وئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 ٻارڙن سميت 10 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا هئا. پوليس جو چوڻ هو ته موٽرسائيڪل جي بيٽري اوور چارج ٿيڻ سبب ڌماڪو ٿيو.