تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف سان قطر بزنس مين ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ تعاون جا نوان رستا ڳولهڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري لاءِ گڏيل هدفن جي نشاندهي تي زور ڏنو ويو. وزيراعظم قطري واپاري اڳواڻن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي باضابطه دعوت ڏني ۽ توانائي ۽ انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو. قطري وفد پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ منصوبن ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ روزگار جي فراهمي، جدت ۽ پائيدار ترقي ۾ ممڪن تعاون جو جائزو ورتو. قطري وفد وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت جو مثبت جواب ڏنو ۽ توانائي ۽ انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. قطري واپارين جي وفد جي سربراهي شيخ فيصل بن قاسم الثاني ڪري رهيو هو، قطري وفد ۾ معيشت جي بااثر شعبن جو نمائندو به شامل هو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ٻيا وزير به وزيراعظم سان گڏ هئا.