تفصيل موجب فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ٽيڪس ريٽرن جي جاچ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙن ماڻهن جي رٽرن جي جاچ ڪئي ويندي جن جي آمدني ۽ خرچن جي ڊيٽا هڪجهڙائي ناهي، اهڙن ٽيڪس ڏيندڙن طرفان صفر ٽيڪس ڏنو ويو. ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته لسٽ ۾ شامل اڪثر ماڻهن وٽ ملڪيت، گاڏيون ۽ شاهوڪار طرز زندگي آهي. ياد رهي ته انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جو وقت ختم ٿي ويو آهي، ايف بي آر ريٽرن جمع ڪرائڻ جو وقت 31 آڪٽوبر تي رات 12 وڳي تائين ڏنو هو. ايف بي آر اختيارين ٻڌايو ته 5 لک کان وڌيڪ ريٽرن جمع ڪرايا ويا آهن ۽ 1.2 ارب کان وڌيڪ رقم جمع ٿي چڪي آهي. ريٽرن جمع نه ڪرائيندڙن کي نان فائلر يا دير سان فائلر قرار ڏنو ويندو جڏهن ته سندن گاڏين ۽ ملڪيتن جي خريداري تي ٻه ڀيرا ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. ريٽرن جمع نه ڪرائيندڙن جي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي هوندي، موبائل فون سم بلاڪ ڪيا ويندا، بجلي ۽ گئس جا ڪنيڪشن ڪٽيا ويندا. ايف بي آر کي آڪٽوبر ۾ ٽيڪس روينيو ۾ اٽڪل هڪ سئو ارب جي شارٽ فال کي منهن ڏيڻو پيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر ۾ 8 سئو 8 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪيو ويو، جڏهن ته 9 سئو 8 ارب رپين جو هدف مقرر ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ هلندڙ مالي سال هڪ سال جو ٽيڪس شارٽ فال هڪ سئو 91 ارب رپين تائين پهچي ويندو.