ڪي پي هائوس اسلام آباد مان وڏي وزير جو انتهائي قيمتي سامان غائب، علي امين گنڊاپور پريشان

 ڊي چوڪ تي احتجاج جي دوران  ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو سي ايم هائوس اسلام آباد مان انتهائي قيمتي سامان غائب ٿي ويو. ذريعن موجب ڊي چوڪ احتجاج جي دوران ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جو سامان ڪي پي هائوس اسلام آباد مان غائب ٿيو، وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا 2 آءِ فون پروميڪس غائب ٿيا، انهي کان علاوه علي امين گنڊاپور جو پرس، دستاويزات ۽ لائسنس وارا هٿيار به غائب ٿيل سامان ۾ شامل آهي. سي ايم هائوس جي ذريعن موجب موبائل گم ٿيڻ سبب علي امين گنڊاپور جا اهم نمبر به هليا ويا آهن جنهن سبب وڏو وزير تمام گهڻو پريشان آهي، علي امين گنڊاپور اجلاس ۾  اسيمبلي ميمبرن سان پنهنجي پريشان جو اظهار به ڪيو ۽ اهم فون نمبرز انهن کان گهري ورتا. انهي حوالي سان  نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ڪي پي ڪي جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي وزير الزام لڳايو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جا 2 موبائيل، اهم دستاويزات ۽ ٻيو سامان ڪي پي هائوس کان آءِ جي اسلام آباد کڻي ويو آهي. علي امين گنڊاپور جي سامان ۾ روڪ رقم، ڪپڙا ۽ لائسنس وارا هٿيار شامل هئا.