ڪنڌڪوٽ:ڪشمور لڳ ڳوٺ محمد يعقوب کوسو ۾ ٻن سولنگي ۽ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

ڪنڌڪوٽ (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڪشمور لڳ ڳوٺ محمد يعقوب کوسو ۾ ٻن سولنگي ۽ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل ،تفصيل موجب 5 ڏينهن اڳ مسمات ظہوران لاشاري کي سولنگي برادري جي ثناءاللہ. عطاء اللہ وارن اغوا ڪيو هو پنهنجي نياڻي جي واپسي جي لاءِ سولنگي برادري ڏي ويا سين جتي جي اغوا معاملي تان جهيڙو ٿيو سولنگي برادري جي مردن ۽ عورتن تشدد ڪيو جنهن ڪري .منهنجو والد مبارڪ علي لاشاري قتل ٿي ويو
جوابدار ثناءُ الله، عطاءُ الله سولنگي ۽ ٻين اسان جي ڀيڻ کي اغوا ڪري منهنجي پيءُ مبارڪ لاشاري کي قتل ڪيو. مقتول جي پٽ لياقت لاشاري سول اسپتال پهچي پوليس جي خلاف احتجاج ڪيو ٻئي پاسي ڪشمور پوليس بروقت پهچي فوتي جو لاش کڻائي سول اسپتال ڪشمور پهچايو.فوتي جو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ايس ايڇ او ڪشمور لیمو خان لاشاري جي خاطري بعد ڪشمور ٿاڻي تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو

پنھنجي راءِ لکو