عمران خان جو وڪيل انتظار پنجوتها پوليس مقابلي کان پوءِ اٽڪ مان با

پي ٽي آءِ باني عمران خان جو وڪيل انتظار حسين پنجوتها کي پوليس مقابلي کان پوءِ اٽڪ مان حفاظت سان بازياب ڪرايو ويو آهي.ڊي پي او اٽڪ ڊاڪٽر غياث گل انتظار پنجوتها جي بازيابي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته پوليس شڪي گاڏي کي روڪيو ته جوابدارن گاڏي کي تيز رفتاري سان ڊوڙائڻ شروع ڪري ڇڏيو، پوليس ناڪابندي ڪري صدر ٿاڻي حسن ابدال جي حد ۾ گاڏي کي روڪيو ته جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني.هن ٻڌايو ته پوليس طرفان جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ جوابدار گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويا، پوليس گاڏي کي چيڪ ڪيو ته گاڏي ۾ موجود شخص پنهنجو نالو انتظار پنجوتها ٻڌايو، اغوا ڪندڙن انتظار پنجوتها جون ٽنگون ٻڌي رکيون هيون. هن چيو ته انتطار حسين پنجوتها کي ٿاڻي منتقل ڪري بيان به رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ مفرور جوابدارن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.انتظار پنجوتها پنهنجي اغوا بابت پوليس کي ڏنل بيان ۾ ٻڌايو ته مون کي 8 آڪٽوبر تي اسلام آباد مان کنيو ويو هو، مون کي سخت تشدد جو نشانو بنايو ويو آهي، جوابدار منهنجي گهر ڀاتين کان 2 ڪروڙ روپيه ڀنگ گهري رهيا هئا. هن چيو ته اغوا ڪندڙ پشتو ۾ ڳالهائي رهيا هئا، مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڳالهائي رهيا آهن، 3  کان 4 ڪلاڪ سفر ڪرائي رهيا هئا، ڪٿان کان کڻي مون کي هتي آندو ويو انهي جي مون کي خبر نه آهي.ياد رهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جو وڪيل انتظار پنجوتها 8 آڪٽوبر کان گم هو، ان جي بازيابي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ٻڌڻي هيٺ هو، پهرين نومبر تي اٽارني جنرل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي يقين ڏياريو هو ته عمران خان جو فوڪل پرسن انتظار پنجوتها 24 ڪلاڪن ۾ بازياب ٿي ويندو.