مريم سان پي آءِ اي جي خريداري بابت جيڪي ڳالهيون ٿيون انهي تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو ارادو آهي: نوازشريف

مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته هن پنجاب حڪومت طرفان پي آءِ اي جي خريداري تي غور جون جيڪي ڳالهيون ڪيون انهي تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو ارادو آهي.آمريڪا کان لنڊن واپس پهچڻ تي صحافين سان ڳالهين ۾ نوازشريف چيو ته جيڪڏهن ائين ٿي وڃي ته ملڪ کي هڪ سٺي ايئر لائن ملي سگهندي. نوازشريف وڌيڪ چيو ته مرڪز ۽ پنجاب ۾ سٺو ڪم ٿي رهيو آهي، پاڪستان ٽريڪ تي واپس اچي رهيو آهي معيشت ۾  به بهتري اچي رهي آهي.هن چيو ته مريم نواز پنجاب ۾ سٺو ڪم ڪري رهي آهي ، مريم کي ڏينهن رات صرف هڪ ئي فڪر آهي ته غريب طبقو آساني سان پنهنجي زندگي کي گذاري سگهي.ياد رهي ته انهي کان اڳ نوازشريف آمريڪا ۾ چيو هو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پي آءِ اي جي خريداري بابت غور ڪري رهي آهي، مريم نواز انهي سلسلي ۾ مون سان به صلاح مشورو ڪيو آهي. مريم چيو آهي ته هن ايئر لائن جو نالو ايئر پنجاب رکي سگهجي ٿو.نوازشريف چيو هو ته هن مريم کي چيو آهي ته اوهان پي آءِ اي کي خريد به ڪري سگهو ٿا ۽ انهي کي نئين ايئر لائين به بنائي سگهون ٿا. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پي آءِ اي کي پي ٽي آءِ جي دور ۾ تباهه ڪيو ويو، پي آءِ اي جي پائلٽس کي جعلي چوندڙ پي ٽي آءِ دور جو وزير اڄ لڪي ويٺل آهي.