پنجاب جي شهر فاروق آباد ۾ مانانواله روڊ تي ٽويوٽا ويگن ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ پيءُ پٽ سميت 4 مسافر فوت ٿي ويا جڏهن ته 7 مسافر سخت زخمي ٿي پيا.حادثو سچا سودا موڙ کان 10 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي باهڙ ڳوٺ ڀرسان پيش آيو حادثي جو سبب ويگن جي تيز رفتاري ٻڌائي پئي وڃي. ريسڪيو 1122 جي امدادي ٽيمن فوتين جا لاش ۽ ريسڪيو اوزارن جي مدد سان ٻاهر ڪڍي وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيو.حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۾ اڪمل ولد يعقوب عمر 50 سال، سخاوت ولد غلام سرور عمر 35 سال، زين ولد اصغر عمر 25 سال، مناف ولد محمد زين عمر 3 سال شامل آهن.جڏهن ته زخمي ٿيندڙن ۾ زبيده بي بي زال ثقلين عمر 60 سال، اسلم ولد انور 50 سال، افشان ڏيءَ ثقلين 30 سال، مهوش زال شاهد 35 سال، اسد ولد جاويد 25 سال، شائسته زال ذيشان ۽ شهباز ولد محمد عبدالله 37 سال شامل آهي.