ٽئين ٽيسٽ ۾ به فتح، نيوزيلينڊ ٽيسٽ سيريز 0-3 تان کٽي ڀارت کي وائٽ واش ڪري ڇڏيو

   نيوزيلينڊ ٽئين ٽيسٽ ۾ ڀارت کي 25 رنسن تان شڪست ڏئي 3 ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ وائٽ واش ڪري ڇڏيو آهي.ممبئي ۾ کيڏيل ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارتي رانديگر 147 رنسن جي تعاقب ۾ به ناڪام رهيا سموري ڀارتي ٽيم 121 رنسن تي ڍير ٿي وئي.ٽيسٽ ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ جي اعجاز پٽيل 6 ۽ گلين فلپس 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. ٽئين ٽيسٽ جي ٻئي اننگز ۾ ڀارتي ڪپتان روهت شرما 11 رنسون ٺاهيون جڏهن ته شبهمن گل، ويرات ڪوهلي ۽ سرفراز خان هڪ هڪ رنس ٺاهي سگهيا.نيوزيلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 235 ۽ ٻئي اننگز ۾ 174 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي هئي جڏهن ته ميزبان ڀارتي ٽيم پهرين اننگز ۾ 263 ۽ ٻئي اننگز ۾ 121 رنسون ٺاهي سگهي.ياد رهي ته ڀارت کي 25 سالن کان پوءِ هوم ٽيسٽ سيريز ۾ وائٽ واش شڪست ملي آهي. سيريز جو پهريون ميچ بينگلور ۾ کيڏيو ويو هو جنهن ۾ روهيت شرما جي اڳواڻي ۾ ڀارتي ٽيم کي 6 وڪيٽن تان شڪست ملي هئي. اهو 36 سالن  کان پوءِ پهريون موقعو  هو جڏهن نيوزيلينڊ ڀارت کي سندس هوم گرائونڊ تي ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏني هئي.انهي کان پوءِ نيوزيلينڊ پونا ۾ کيڏيل ٻئي ميچ ۾ 113 رنسن تان فتح حاصل ڪري سيريز ۾ نه وسرندڙ برتري حاصل ڪئي، جڏهن ته ڀارت کي 12 سالن کان پوءِ هوم گرائونڊ تي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو.