ڪنڌڪوٽ ۾ ڌرتي ڌڻي تحريڪ پاران ڊي سي ڪشمور جي نااهلي ۽ شھر جي اھم مسئلن جي حل لاءِ ضلعي صدر حبيب الله سنڌي جي اڳواڻي ۾ گهنٽا گهر کان ريلي ڪڍي ڊي سي ڪشمور جي خلاف سخت نعريبازي ڪندي شهر جي مختلف چوڪن کان ٿيندي اچي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو احتجاج ۾ شرڪت اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊي سي ڪشمور جا ھر جڳھ تي منٿليون مقرر ٿيل آهن سيول اسپتال لاءِ آيل بجيٽون ھڙپ ڪري ٿو سيول اسپتال ۾ دوائون جي کوٽ آهي ڊاڪٽرن کي رشوت وٺن ٿا ڊاڪٽر سيول اسپتال ۾ موجود ناھين اوھي پنھنجا پرائيويٽ اسپتالون کوليون ويٺا آهن لائبريري ۾ بنيادي صحولتون فراهم ڪيون وڃن نوجوانن جيون ڊوميسائيل ٺاهيا وڃن شهر ۾ صفائي سٿرائي ڪرائي وڃي مال پڙي ۾ واپارين کان ناجائز ھڪ جانور تي ڏھ هزار وٺندڙ جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان ڊي سي ڪشمور کي ٻدايڻ ٿا چاهيون ته جيڪڏهن جلد ڪاروائي نه ڪيو ويو ته ڌرتي ڌڻي تحريڪ طرفان سخت احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو