ڪنڌڪوٽ ـ صحافت جي عالمي ڏھاڙي جي ڏينهن تي ڪنڌڪوٽ جي صحافين پاران پريس ڪلب جي صدر پير بخش بنگوار ۽ جنرل سيڪريٽري راجـ گوپي چند جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جتي شھر جي مختلف سياسي سماجي ـ قوم پرست ڌرين بـ پڻ شرڪت ڪئي جتي سياسي سماجي ـ قوم پرست ڌرين ۽ صحافين سنڌ ٽي نيوز سان ڳالھائيندي چيو تـ ھن وقت صحافي بـ انتھائي خوف واري زندگي ۾ رپورٽنگ ڪري رھيا آھن ھنن چيو تـ صحافي برادري ڌاڙيلن جي نشاني تي تـ شروع کان آھي پر ھاڻي پوليس جي خلاف جائز خبرون موڪلڻ تي پوليس جي نشاني تي بـ آھي جنهن جو واضع مثال پوليس خلاف خبرون موڪلڻ تي شڪارپور پوليس طرفان لوڪيٽر ساڻ ڪري مختلف گاڏين سان سول ڊريس ۾ SHO خليل رند جي اڳواڻي ۾ چار گاڏيون ساڻ ڪري ڪافي سارا پوليس اھلڪار ڪنڌڪوٽ پنهنچي ڪري گھنٽـ گھر وٽ سنڌ ٽي وي نيوز جي آفيس مٿان چڙھائي ڪري سنڌ ٽي وي نيوز جي رپورٽر بقا محمد بنگوار ۽ سليم ميراڻي کي اغواڪري ڌاڙيلن جيان کنمڀي کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ٿا ڪريون ھنن صحافت جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي اسان ان پوليس گردي جي سخت لفذن ۾ مذمت ڪندي وزير اعليٰ سنڌ ـ آء جي سنڌ ـ ڊي آء جي لاڙڪاڻـ ۽ وس وارن کان پر زور مطالبو ٿا ڪريون تـ ايس ايڇ او خليل رند سميت آيل صحافين صحافين اغوا ڪندڙ مٿان فل فور ايف آء آر داخل ڪيو وڃي ۽ متاٽر سينيئر صحافي بقامحمد بنگوار ۽ سليم ميراڻي سان انصاف ڪيو وڃي
