اسلام آباد: پرڏيهي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي گرفتاري جون خبرون ڪوڙيون ۽ بي بنياد آهن،هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي گرفتاري جون خبرون ڪوڙيون ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهن. گرفتاري جي سوال تي ڪنهن سنجيده صحافي کان اهڙي اميد نه هئي،پرڏيهي ترجمان ٻڌايو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 6 مهينن دوران 16 ملڪن جا دورا ڪيا جن ۾ پرڏيهي وزير سعودي عرب، متحده عرب امارات، چين، سوئٽزرلينڊ، ترڪي، ازبڪستان، آمريڪا، جرمني، مصر، انڊونيشيا، سينگاپور ۽ ڪمبوڊيا جو به دورو ڪيو،افغانستان بابت سوال تي ترجمان چيو ته افڻاستان ۾ عورتن جي تعليم تي پابندي قبول ڪرڻ جوڳي نه آهي. والاريل ڪشمير تي ممتاز زهره بلوچ چيو ته ڀارت ڪافي وقت کان ڪشميرين کي ظلم جو نشانو بنائي رهيو آهي. ڪشميرين کي پنهنجا حق ڏيڻ کان سواءِ امن قائم نٿو ٿي سگهي
