ڊي جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سنڌ ذوالفقار شيخ بينظير ڪفالت فنڊز جي تقسيم جو جائزو وٺڻ لاء ٽنڊو محمد خان جو اوچتو دورو مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ٽنڊو محمد خان، جنھاڻ سومرو ۽ بلڙي شاھ ڪريم تي خصوصي طور تي قائم ڪيل ادائگي ڪيمپن جو معائنو ڪيو ۽ ڪجھ ھنڌن تي ڪٽوتي جي مليل شڪايتن جو موقعي تي ئي ازالو ڪيو جڏهن ته رڪوري ڪرائي ڪٽوتي ڪندڙ ٽن ايجنٽن کي بليڪ لسٽ ڪيو ان موقعي تي ڊي جي سنڌ اسلام آباد مان ضلعي مانيٽرنگ لاء آيل ڊپٽي ڊائريڪٽر شفقت الله، ڊسٽرڪٽ ڊائريڪٽر فيصل مصطفي کان تفصيل پڻ ورتا جن کيس آگاھي ڏني ته ضلعي ۾ مستحق گھراڻن جو تعداد 50500 آھي جن مان 75 سيڪڙو مستحقين کي ادائگي ٿي چڪي آھي ان بعد ڪيمپ سائيٽن جو تعداد اٺن مان گھٽائي چار ڪيو ويو آھي. انھن ڪيمپ سائٽن جو مقصد مستحقين کي ڪنٽرولڊ ماحول ۾ ڪڙي نگراني ھيٺ پورا فنڊز ڏيارڻ آھي. پاليسي مطابق 80سيڪڙو ادائگي بعد ڪيمپون ختم ڪري اھي ادائگيون بسپ جي تعلقي آفيسن مان ڪيون وينديون.