وزيراعظم شهباز شريف سان ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف 26 آڪٽوبر 2024 تي ايران مٿان اسرائيلي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم غزه ۾ فوري جنگبندي جي ضرورت ۽ انساني امداد جي فراهمي تي زور ڏنو. انهي کان پهريان ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان پڻ ملاقات ڪئي هئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل واپار، توانائي ۽ سرحدي سيڪيورٽي سميت اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات کان پوءِ ايراني هم منصب سان پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن اسرائيلي ڪارروائين کي گڏيل قومن جي منشور، عالمي ۽ انساني قانون جي ڀڃڪڙي به قرار ڏنو.