اسلام آباد: عورت جج کي ڌمڪين واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان عدالت طلب

اسلام آباد: اسلام آباد جي عدالت عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي طلب ڪري ورتو،اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي 18 جنوري تي طلب ڪيو آهي جنهن جي لاءِ سينئر سول جج راجا مجاهد اڳوڻي وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي،جڏهن ته اسلام آباد پوليس ڪيس جو چالان عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي
ياد رهي ته عمران خان اسلام آباد ۾ جلسي دوران عورت جج کي ڌمڪي ڏني هئي جنهن کان پوءِ هن عدالت کان معافي به گهري هئي، چيئرمين پي ٽي آءِ عورت جج جي عدالت ۾ پيش ٿيو هو جتي هن عدالتي عملي کان عورت جج کي سندس معافي بابت آگاهه ڪرڻ جو چيو هو

پنھنجي راءِ لکو