پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ٽرمپ جي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪيو. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي علي محمد خان چيو ته پي ٽي آءِ باني مون کي ٻڌايو ته جوبائيڊن جي دور ۾ مداخلت ٿي ۽ انهي دور ۾ جيڪو منفي رويو هو، ٽرمپ جي اچڻ سان اهو نيوٽرل ٿي ويندو ته وڏو فرق پوندو. علي محمد خان موجب عمران خان ٽرمپ جي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جڏهن مان وزيراعظم هئس ته منهنجو ڊونلڊ ٽرمپ سان رابطو رهندو هو ۽ هڪ سٺو دوستاڻو تعلق هو، جيڪڏهن اهي ماڻهو اچن ٿا جنهن سان تعلق سٺو رهيو آهي ته اها بهتر اڳڀرائي آهي. علي محمد خان موجب هن پي ٽي آءِ باني سان ڳالهين ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، باني انهي سان صرف اتفاق ڪيو پر چيو ته اڳيان وڌڻ جو رستو صرف احتجاج آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي جو معاملو پاڪستان ۾ ئي مڪمل ٿيندو آمريڪا ۾ نه. ٻئي طرف صحافين سان ڳالهيون ڪندي علي محمد خان چيو ته پي ٽي آءِ باني جو چوڻ هو ته تازي قانونسازي سان سپريم ڪورٽ کي ڪمزور ڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف ملڪ جي بهتري لاءِ قانونسازي جي هميشه حمايت ڪئي آهي، آئيني ترميم تي اپوزيشن سان حڪومت رابطو ڇو نه ڪيو.