حيدر آباد ۾ بلديا ٿاڻي جي حد ۾ واقع حر ڪئمپ ڪالوني ۾ نجي چينل جي ضلعي مٽياري جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر حافظ امتياز علي چنا جي چاچا جي مال جي واڙي تي شرپسندن حملو ڪري ڇڏيو. حملي دوران مال جي واڙي تي ويٺل سينئر صحافي حافظ امتياز علي چنا جو چاچو سليم چنا ۽ سندس سئوٽ رياض علي چنا سخت زخمي ٿي پيا. بلديا ٿاڻي تي واقعي جي رپورٽ داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا. متاثر سليم چنا ۽ رياض علي چنا جو چوڻ هو ته ڏاڏو ابڙو، بگو ابڙو ۽ ٻين اسان جي واڙي تي ھلان ڪري حملو ڪيو آهي، هنن ايس پي حيدرآباد، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ آئي جي سنڌ کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.