ايف آءِ اي اختيارين موجب جوابدار وسيم اڪرم کي بحرين مان گرفتار ڪري اسلام آباد ايئرپورٽ منتقل ڪيو ويو آهي، جوابدار 8 سالن کان پنجاب پوليس کي گهربل هو. اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف 2016ع ۾ اٽڪ ٿاڻي فتح جهنگ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جوابدار قتل ڪري پرڏيهه فرار ٿي ويو هو، ايف آءِ اي اين سي بي انٽرپول جوابدار جي گرفتاري لاءِ ريڊ نوٽيس جاري ڪيو هو. اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدار کي بعد ۾ ايف آءِ اي اميگريشن اسلام آباد پنجاب پوليس اختيارين حوالي ڪيو.