تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ سموگ ريميڊيڪيشن ڪيس جي گذريل ٻڌڻي جو لکت وارو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، جسٽس شاهد ڪريم گذريل ٻڌڻي جو لکت وارو فيصلو جاري ڪيو هو. مارڪيٽن کي رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو عدالت گرين لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ دونھون خارج ڪندڙ ڪمرشل جنريٽر هلائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي ۽ چيو ته ايندڙ 7 ڏينهن اندر ڪمرشل جنريٽرن ۾ پوليوشن ڪنٽرول ڊوائيسز لڳايون وڃن.لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ڊوائيس نه لڳندڙ جنريٽرن کي ڊوائيس لڳائڻ تائين سيل ڪيو وڃي، هاٽ اسپاٽ علائقن مان حددخليون هٽايون وڃن ته جيئن ٽريفڪ بند ٿيڻ سان آلودگي نه ٿئي. حڪومتي وڪيل چيو ته معطل ٿيل هارين کي عدالتي حڪم تي ورهايو ويو آهي، ڊي جي ماحوليات جي ڪارروائي سان ماحولياتي تبديلين تي به فرق پوندو. ايل ڊي اي جي وڪيل انڊر پاسن جي مرمت بابت انڪوائري رپورٽ پيش ڪئي