ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف 10 نومبر آچر تي سعودي عرب روانو ٿيندو، جتي هو 11 نومبر تي او آءِ سي جي سربراهن جي هنگامي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم جو سعودي عرب جو دورو 2 ڏينهن جو هوندو، ان سان گڏ وفاقي وزير اسحاق ڊار، عطاءُ تادير به گڏ هوندا. وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا جي صورتحال تي او آءِ سي جي سربراهن جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، جنهن دوران وزيراعظم مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون به ڪندو.وزيراعظم جو سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد آذربائيجان وڃڻ جو امڪان آهي ذريعن موجب وزيراعظم آذربائيجان ۾ موسمياتي تبديلي بابت سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.