پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ سخت اختلاف نظر آيا ۽ قومي اسيمبلي جي ڪجهه ميمبرن خيبرپختونخواهه جي علي امين گنڊاپور حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي آهي. ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايم اين ايز ڪي پي حڪومت جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريا هئا ۽ سينيئر ايم اين ايز ڪي پي حڪومت تي رشوت وٺڻ جو الزام به لڳايو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ جڏهن ڪي پي حڪومت تي تنقيد ڪئي پئي وڃي ته شرڪت ڪندڙ ميمبرن جي اڪثريت ڊيسڪون وڄائيندي رهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ساڳئي ملاقات کانپوءِ عاطف خان کي اينٽي ڪرپشن نوٽيس اماڻيا ويا آهن.