ملڪ جون حالتون ٽرمپ يا ايلون مسڪ نه پر پاڪستانين کي طئي ڪرڻيون آهن.

تفصيل موجب دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته حڪومت موجب هر سياسي ماڻهو دهشتگرد آهي پر پاڪستان بني اڊيالا ۾ جيل ٺاهي ڇڏي آهي. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي آزادي جو سفر شروع ٿيڻ گهرجي، عالمي برادري پاڪستانين جي قيد جو نوٽيس وٺي.
هن چيو ته ٽرمپ اڊيالا جو دروازو نه کوليندو پر بنيادي حقن جو نوٽيس وٺندو، ملڪ جون حالتون ٽرمپ يا ايلون مسڪ نه پر پاڪستانين کي طئي ڪرڻ گهرجن. اڳوڻي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته آمريڪي ڪانگريس قانوني موقف ڏنو آهي، ٽرمپ ان ڳالهه جو نوٽيس وٺندو جنهن تي جوبائيڊن عمل نه ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني قيادت هوش ۾ اچي، تلخيون گهٽائي ۽ گرانڊ ڊائلاگ شروع ڪري، جيڪي ترميمون ڪيون پيون وڃن ان سان ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو ۽ انتشار پکيڙيندو. هن چيو ته دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ اها 200هين پيشي آهي پر اها خبر ناهي ته الزام ڇا آهي ۽ نه ئي خبر آهي ته جاچ ڪهڙي ٿي رهي آهي.