حيدرآباد: شهرين کان ڀُتو وٺڻ جي الزام هيٺ 3 پوليس آفيسرن سميت 6 اهلڪار برطرف

 حيدرآباد ۾ شهرين کان ڀُتو وٺڻ جي الزام هيٺ 6 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي موجب شهرين کان ڀُتو وٺڻ جي الزام هيٺ 3 پوليس آفيسرن سميت 6 پوليس اهلڪارن کي نوڪرين تان فارغ ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ٻڌايو ته برطرف اهلڪارن شهرين کي اغوا ڪري 19 لک روپيه ڀُتو وصول ڪيو هو. ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته ڀُتو وصول ڪرڻ جي الزام هيٺ 2 اهلڪار اڳ ئي جيل ۾ آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون ۾ به پوليس اهلڪارن جي مبينه رشوت جي وائرل وڊيو تي اختيارين نوٽيس ورتو هو.