پي ٽي آءِ طرفان صوابي ۾ پاور جون تياريون مڪمل، علي امين گنڊاپور جلسي لاءِ روانو

پي ٽي آءِ طرفان صوابي ۾ اڄ ٿيندڙ پاور شو جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، انهي حوالي سان ڪي پي ڪي جو وڏو وزير اعلي امين گنڊاپور جلسي جي لاءِ روانو ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ صوابي ۾ پاور شو ڪرڻ وڃي رهي آهي جنهن جي لاءِ پنڊال به سجايو ويو آهي ۽ جلسي گاهه ۾ ڪرسيون ۽ لائٽون به لڳايون ويون آهن. جلسي لاءِ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير  علي امين گنڊاپور سميت ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا ۽ آئنده جو لائحه عمل پيش ڪندا. موٽر وي انٽرچينج صوابي جي هنڌ تي منعقد ٿيندڙ جلسي کي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کان علاوه پارٽي چيئرمين بيرسٽر گوهر اسد قيصر، عمر ايوب ۽ ٻيا اڳواڻ به خطاب ڪندا. جلسي جي لاءِ صوابي، مردان، نوشهره ۽ پشاور سان تعلق رکندڙ هر اسيمبلي ميمبر کي هڪ هزار ڪارڪن آڻڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي جڏهن ته ٻين ضلعن سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبرن کي 5-5 سئو ماڻهن کي آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پي ٽي آءِ جي قيادت صوابي جلسي ۾ پارٽي جي آئنده لائحه عمل جو اعلان ڪندي. صوابي جلسي واري هنڌ تي پي ٽي آءِ  ڪارڪنن طرفان ڌرڻا هڻڻ جو به امڪان آهي پر اسلام آباد طرف مارچ نه ٿيندو، انهي جي لاءِ نئين تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو. ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور صوابي  جلسي جي لاءِ روانو ٿي چڪو آهي، جيڪو پشاور کان ويندڙ رستي موٽر وي صوابي پهچندو.

پنھنجي راءِ لکو