لاهور: پرويز الاهي جي ڊي نوٽيفاءِ خلاف درخواست تي ٻڌڻي لاءِ نئون بينچ جوڙيو ويو

لاهور: پرويز الاهي جي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪرڻ لاءِ نئون بئنچ جوڙيو ويو آهي. پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان طرفان وڏي وزير پرويز الاهي کي ڊي نوٽيفاءِ ڪيو ويو هو پرويز الاهي پنجاب جي گورنر طرفان ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ واري قدم کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلنج ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پرويز الاهي طرفان درخواست پڻ داخل ڪئي وئي آهي،پرويز الاهي پنهنجي درخواست ۾ موقف پيش ڪيو ته گورنر اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ وڏي وزير کي خط لکيو ئي ناهي. خط اسيمبلي جي اسپيڪر کي لکيو ويو جيڪو وڏي وزير کي لکڻ گهرجي ها،درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته هڪ اجلاس دوران گورنر ٻيو اجلاس طلب نٿو ڪري سگهي. گورنر کي اهو اختيار ناهي ته هو غير آئيني طور تي وڏي وزير کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري سگهي پرويز الاهي درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته عدالت گورنر جي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ واري نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏئي. جنهن کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ خلاف درخواست ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. جسٽس عابد عزيز شيخ جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بينچ ٻڌڻي شروع ڪئي ته بئنچ جي هڪ رڪن جسٽس فاروق حيدر ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي جسٽس عابد عزيز شيخ ٻڌايو ته جسٽس فاروق حيدر پرويز الاهي جو وڪيل رهيو آهي. معاملو اهم نوعيت جو آهي ان لاءِ اسان اڄ ئي اها فائل چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ڏانهن اماڻي رهيا آهيون ۽ درخواست ڪري رهيا آهيون ته درخواست کي اڄ ئي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو وڃي.
چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي جي درخواست تي ٻڌڻي جي لاءِ نئون لارجر بئنچ جوڙي ڇڏيو آهي. لارجر بئنچ ۾ جسٽس فاروق حيدر جي جڳهه جسٽس عاصم حفيظ کي شامل ڪيو ويو آهي، جسٽس عابد عزيز شيخ لارجر بئنچ جو سربراهه هوندو، جڏهن ته بئنچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس طارق سليم شيخ، جسٽس چوڌري محمد اقبال ۽ مزمل اختر شبير شامل آهن، لارجر بئنچ پرويز الاهي جي درخواست تي ٿوري دير کان پوءِ ٻڌڻي ڪندو

پنھنجي راءِ لکو