28

“ٻٻرلوءِ پوليس جي ڪارروائي: 50 پيڪيٽ منشيات سميت جوابدار گرفتار”

پريالوءِ ڀرسان ٻٻرلوءِ پولیس طرفان قومي شاھراھ تي ڪارروائي ڪندي ، منشيات ھٿ ڪري ورتي آهي ھڪ جوابدار گرفتار ڪيس داخل تفصيل موجب پريالوء ڀرسان ٻٻرلوء ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي ، خفیہ اطلاع تي ٻٻرلوء پولیس طرفان پلھ شاخ ويجهو ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار گرفتار ڪري سندس جي قبضي مان 50 پيڪيٽ نشي واريون سوپاريون ھٿ ڪيون ويون آهن،جڏهن ته جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي سڃاڻپ نظير ڪنڊراڻي جيڪب آباد واسي طور تي ٿي آهي جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار منشيات خيرپور کڻي وڃي رهيو هو ته ٻٻرلوء پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري کيس منشيات سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايس پي خيرپور توحيد ميمڻ، جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار منشيات فروش آهي، سندس کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي،

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو