4

“سنڌ ناريجا ويلفيئر آرگنائيزيشن جي 18 هين سالگره جو جشن: ڪميونٽي جي ترقي ۽ ڀائيچاري لاءِ نئين عزم جو اظهار”

سنڌ ناريجا ويلفيئر آرگنائيزيشن جي 18 هين سالگره حاجي محمد الدين ناريجو (ڊويزنل سنو ڪوآرڊينيٽر سکر) ۽ جان محمد ناريجو (مرڪزي فنانس سيڪريٽري سنو ) جي قيادت ۾ جناح ڪالوني خيرپور ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. انهيءَ موقعي تي ناريجا برادري جي ڪيترن ئي معزز مهمانن، ڪميونٽي جي اڳواڻن ۽ ميمبرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.سالگره جي پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي تلاوتِ جي سعادت حاجي عبدالغني ناريجو حاصل ڪئي جڏهن ته استاد محمد بخش ناريجو پاران شاندار نموني سان استقبالي خطاب ڪيو ويو جڏهن ته ان کان علاوه سال گرہ جي منتظمين ۾ حاجي محمد الدين ناريجو, ايڊ وڪيٽ مختيار حسين ناريجو, انجنيئر منور حسين ناريجو, ۽ استاد سليم احمد ناريجو پاران گذريل وقت جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي وئي جڏهن ته ايندڙ وقت ۾ سنو جي ڪامياب سفر لاء تجويزون ڏيندي تقريرون ڪيون ويون جنهن ۾ تنظيم جي شاندار سفر ۽ ڪاميابين تي روشني وڌي وئي ۽ سنو جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. انهيءَ موقعي تي پروگرام م شرڪت ڪندڙن کي چيو ويو ته پنهنجي ٻارڙن کي معياري تعليم ڏيارڻ سان گڏ ، علائقائي امن امان ، اتحاد ۽ زرعي ترقي جي اهميت بابت پڻ آگاهي ڏني وئي جنھن کي ڪميونٽي جي سماجي, فلاحي ۽ اقتصادي ترقي لاء ضروري قرار ڏنو ويو. جڏهن ته انهيءَ موقعي تي مقررين ھٿيار بند ڪلچر کي رد ڪندي ننديو ويو جڏهن ته ڀائيچاري ۽ امن جي ماحول کي قائم رکڻ , پٽاڻي اولاد توڙي نياڻين کي معياري تعليم ڏيارڻ, ۽ پنھنجي برادري سان گڏوگڏ ٻين برادرين سان به پرامن ۽ گڏيل دوستاڻا ۽ ڀائيچاري وارا تعلقات قائم رکڻ تي زور ڏنو ويو جڏهن ته زرعي پيداوار کي فروغ ڏيڻ لاءِ جديد ۽ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو . هنن چيو ته ناريجا ڪميونٽي کي بااختيار بڻائڻ لاء تنظيم جي عزم کي اجاگر ڪندي وڌ کان وڌ متحرڪ نوجوانن, وڏڙن ۽ بزرگن کي تنظيم جو حصو بڻائڻ تي پڻ زور ڏيندي چيو ته سنڌ جي ترقي لاء هر هڪ کي پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي دعوت ڏني ويئي.جڏهن ته سنڌ ناريجا ويلفيئر آرگنائيزيش جي
18 هين سالگره جو جشن ملهائيندي ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ گلن جي ورکا ڪئي وئي جڏهن ته سنو قيادت جي ڪاميابين تي ،سنو قيادت کي مبارڪون پيش ڪيون ويون جڏهن ته اڳواڻن سنو جي بنيادي قدرن لاءِ نئين عزم کي ورجائيندي چيو ته ڪميونٽي جي ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ تنظيم جي غير متحرڪ وقفي سبب ناڪاري اثر پيا هئا ،جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ ناريجا ويلفيئر آرگنائيزيش کي متحرڪ ڪرڻ سان هاڻي اهو سنگ بنياد نئين سال ۾ بي لوث خدمت جي جذبي ۽ بھتر ترقي جي شروعات سان ڀرڻ جو پڻ ورجاء ڪيو ويو. جڏهن ته پروگرام جي آخر ۾ فيض محمد ٻنڊو ۾ ٽريڪٽر ھيٺان اچي فوت ٿيندڙ نوجوان حسن رضا ناريجو ولد حاجي نظام الدين ناريجو جي مغفرت ۽ ايثال ثواب لاء خصوصي دعا گھري وئي. جڏهن ته انهيءَ موقعي رياض حسين ناريجو, ايڊووڪيٽ علي اڪبر ناريجو, ايڊووڪيٽ مسعود احمد ناريجو, محمد يعقوب ناريجو, محمد انور ناريجو, ذوالفقار علي ناريجو-1, ذوالفقار علي ناريجو-2, تسليم احمد ناريجو, منٺار علي ناريجو, راجا خان ناريجو, اختر علي ناريجو, غلام حيدر ناريجو, نور احمد ناريجو, سائٿ علي ناريجو, نعمت الله ناريجو, غلام عباس ناريجو, نعمت سائٿ علي ناريجو ۽ ٻيا ڪيترائي برادري جا معزز مهمان موجود ھئا. جڏهن ته سموري پروگرام جي ڪاروائي حاڪم علي ناريجو (صدر سنو مرڪزي ڪلچرل فورم)طرفان بهترين نموني سان هلائي وئي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو