“آئينی بينچ جي ويهڻ تائين ڇا اسان غير آئيني سمجهيا وڃون ٿا؟: جسٽس منصور علي شاهه”

سپريم ڪورٽ ۾ ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته “هن وقت ڪابه آئيني بينچ موجود ناهي، ته پوءِ هي جيڪا غير آئيني بينچ ويٺل آهي، ان جو ڪهڙو ڪم آهي؟ جيستائين آئيني بينچ نه ويهندو، ڇا اسان غير آئيني سمجهيا ويندا؟”

جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو هو. ٻڌڻي دوران جڏهن آئيني بينچ جو ذڪر ٿيو، ته جسٽس عائشه ملڪ چيو ته “هي ڪيس آئيني بينچ ٻڌندو، پر اسان ريگيولر بينچ ٻڌي رهيا آهيون.”

جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته “مطلب اهو ٿيو ته جيستائين آئيني بينچ نه ويهندو، آئيني ڪيس ٻڌا نه ويندا. جيڪڏهن اسان هن ڪيس کي ٻڌي به لڀيون ٿا، ته اسان کان ڪير پڇڻ وارو ناهي؟ هر ڀيري اهو سوال اُٿري ٿو ته ڪيس ريگيولر بينچ ٻڌندو يا آئيني بينچ؟ جيڪڏهن اسان فيصلو ڪري به ڇڏي ٿا، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟”

جسٽس منصور علي شاهه وڌيڪ چيو: “ٺيڪ آهي، جيڪڏهن اسان فيصلو ڪري ڇڏي، ته اسان کي ڪير روڪڻ وارو آهي؟ نظرثاني به اسان وٽ ايندي، ۽ اسان چئي ڇڏيون ٿا ته اسان جو اختيار آهي. آئيني ڪيس ريگيولر بينچ نٿو ٻڌي سگهي، ۽ وڪيلن کان به ڪابه مدد نه ملي رهي آهي.”جسٽس عقيل عباسي سوال اٿاريو: “هن وقت ڇا اسان هي ڪيس ٻڌي سگھون ٿا يا نه؟” جسٽس منصور علي شاهه جواب ڏيندي چيو: “ٿورو وقت ڏئي ڇڏيو، ڏسون ٿا ته ڇا ٿيندو.”جسٽس عائشه ملڪ ريمارڪس ڏنا: “آرٽيڪل 2 اي موجب، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي انهي بابت فيصلو ڪندي، جنهن ۾ اڃان وقت لڳندو. پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي فيصلو ڪندي ته هي آئيني بينچ ٻڌندو يا ريگيولر بينچ.”جسٽس منصور علي شاهه مسڪرائيندي چيو: “اسان اوهان جي گذارش تي ڪنهن به نقطه نظر تي فيصلو نٿا ڪري سگهون، ان کي ملتوي ڪري ڇڏيون ٿا. اسان صرف ڪچهريون ڪري رهيا آهيون.” ان کان پوءِ عدالت سڳوري ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.