پي ٽي آءِ جلسي ۾ آمريڪي جهنڊو: بيرسٽر سيف ۽ عظميٰ بخاري ۾ لفطي جنگ شر

پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ آمريڪي جهنڊو لهرائڻ جي معاملي تي بيرسٽر سيف ۽ عظميٰ بخاري وچ ۾ لفظي جنگ شروع ٿي وئي آهي.ڪي پي ڪي جي اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر سيف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته صوابي جلسي ۾ آمريڪي جهنڊو لهرائڻ حڪومت جو سوچيل سمجهيل منصوبو آهي. آمريڪي جهنڊو جعلي حڪومت جي ڪارڪنن سازش تحت لهرايو.هن چيو ته جعلي حڪومت اهڙي قسم جون ڪارروايون ڪرڻ جي ماهر آهي. اهڙي قسم جي حرڪتن سان جعلي حڪومت عمران خان کي عوام جي دلين مان نٿي ڪڍي سگهي، انهي واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.بيرسٽر سيف چيو ته وڏي وزير به اهڙي واقعي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. جهنڊو لهرائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. پي ٽي آءِ پنهنجي جلسي ۾ آمريڪي جهنڊو لهرائڻ واري معاملي کي رد ڪري ٿي.ٻئي طرف پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري پنهنجي بيان ۾ پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جنهن کي آمريڪي غلامي جي خلاف جنگ وڙهڻي هئي اهي آمريڪي جهنڊا کڻي آزادي حاصل ڪري رهيا آهن. صوابي جلسي ۾ آمريڪي جهنڊو لهرائڻ پنهنجي آمريڪي آقائن سان وفاداري جو عهد ڪرڻ هو.هن چيو ته فتنو ۽ سندس چيلا يو ٽرن وٺڻ کي بهادري  سمجهن ٿا. صوابي جلسي جي فلاپ  شو کان پوءِ گنڊاپور ۽ پارٽي اڳواڻ هڪ ٻئي کان ناراض آهن. گنڊاپور کي پارٽي مان ڪوبه شخص وڏو وزير مڃڻ لاءِ تيار ناهي نه ئي انهن جي حڪمن  کي سنجيده وٺندو آهي. نڻان ۽ ڀاڄائي ۾ ڌار کان پارٽي تي قبضي جي جنگ هلي رهي آهي.عظميٰ بخاري چيو ته تحريڪ انصاف پنهنجي آخري انجام طرف وڃي رهي آهي، سهولتڪاري ۽ ڪوچ جي غير موجودگي تي ڪابه پارٽي طرفان ڊائريڪشن نه پئي ملي. فتنه پارٽي ۾ سڀني پنهنجي ڏيڍ ڏيڍ انچ جي مسجد ٺاهي آهي. جيڪو هار نه مڃيندس چوندو هو اهو روزاني اين آر او گهري رهيو آهي.