اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته اسلام آباد ۾ بارودي مواد سان ڀريل گاڏي هاءِ ويليو ٽارگيٽ کي نشانو بنائڻ لاءِ اماڻي وئي هئي،اسلام آباد جي سيڪٽر آءِ ٽين ۾ ٿيندڙ خودڪش ڌماڪي جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ گهرو وزير چيو ته اڄ صبح بارودي مواد سان ڀريل گاڏي راولپنڊي مان اسلام آباد ۾ داخل ٿي جنهن ۾ هڪ مرد ۽ عورت دهشتگرد سوار هئا،هن چيو ته بارودي مواد سان ڀريل گاڏي آءِ جي پرنسپل روڊ راولپنڊي مان اسلام آباد ۾ داخل ٿي جيڪا وفافي راڄڌاني ۾ هاءِ ويليو ٽارگيٽ کي نشانو بنائڻ جي لاءِ اماڻي وئي هئي. ايگل اسڪواڊ گشت دوران شڪ سمجهندي گاڏي کي روڪيو ته گاڏي ۾ ڌماڪو ٿي ويو جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا،گهرو وزير چيو ته پوليس جي فرض شناسي سان اسلام آباد وڏي حادثي کان محفوظ رهيو. فرض شناسي تي اسلام آباد پوليس کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. شهيد عديل حسين کي شهيدن جو پيڪيج ڏنو وڃي. هن شهيدن جي گهر ڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪندي واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي،
