17

27 لک پاڪستانين جو نادرا مان رڪارڊ چوري ٿيڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو

 قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن واري قائمه ڪميٽي جي اجلاس ۾  27 لک پاڪستانين جو نادرا مان رڪارڊ ڇوري ٿيڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي جڏهن ته 27 تعلقه اهڙا آهن جتي نادرا جون آفيسون ئي موجود نه آهن. قومي اسيمبلي جي ميمبر آغا رفيع الله ذميوارن جي خلاف  اڃان تائين ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. راجه خرم نواز جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي گهرو معاملن واري قائمه ڪميٽي جي اجلاس ۾ آغا رفيع الله چيو ته 27 لک  ماڻهن جو ڊيٽا چوري ٿيڻ جو مسئلو نه هو. اصل ۾ ڪجهه اهم ماڻهن جو ڊيٽا ليڪ ٿيڻ تي تڪليف ٿي هئي. آغا رفيع الله چيو ته ڊيٽا ليڪ ڪندڙ اڄ به نادرا ۾ ويٺل آهن ۽ کاتي جو اهم حصو آحن. ڊيٽا ليڪ ڪندڙن جي خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ٿي. ڊيٽا ليڪ ڪندڙ وڌيڪ سٺين پوسٽن تي مقرر ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ نادرا چيئرمين ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته اسان نادرا  جي آفيسن کي وڌائي نٿا سگهون، ڇو ته نادرا جي آفيسن کي وڌائڻ سان سڃاڻپ ڪارڊ جي فيس وڌائڻي پوندي. 61 تعلقه اهڙا آهن جن ۾ نادرا جون آفيسون نه آهن ۽ اسان اهڙن تعلقن ۾ جتي حڪومت اعلان ته ڪري ڇڏيو پر انهن جي تڪ بندي نه ڪئي وئي آهي. چيئرمين نادرا ٻڌايو ته نادرا جو پنهنجو فنڊ آهي. اسان فيس تبديل ناهي ڪئي، اسان ڪارڊز کي ري نيو ناهي ڪيو،  جيستائين پراڻُ ڪارڊ هلي رهيو آهي ڪوبه ماڻهو نئون ڪارڊ نٿو ٺهرائي ماڻهو سڃاڻپ ڪارڊ نٿا ٺهرائين ته اسان جو فنڊ به جنريٽ ناهي ٿيندو. هن چيو ته 27 تعلقه اهڙا آهن جتي نادرا نه آهي. وڌيڪ تعلقه ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ آهن. جتي اسان جون آفيسون به نه آهن. پنجاب ۾ مري ۽ تله گنگ ڊسٽرڪٽس بڻجندا پر انهن جون تڪ بنديون اسان وٽ نه پهتيون آهن.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو