سکر:سني رابطا ڪائونسل جي مرڪزي صدر اورنگزيب فاروقي چيو آهي ته ملڪ ۾ انتشار ۽ افراتفري جي صورتحال آهي، الزام تراشي کانپوءِ ملڪي ادارا به مشڪوڪ ٿي ويا آهن

سکر نيشنل پريس ڪلب نيوز/سني رابطا ڪائونسل جي مرڪزي صدر اورنگزيب فاروقي چيو آهي ته ملڪ ۾ انتشار ۽ افراتفري جي صورتحال آهي، الزام تراشي کانپوءِ ملڪي ادارا به مشڪوڪ ٿي ويا آهن، ملڪ ۾ صاف سياست ٿيڻ گهرجي. جنهن به اقتدار ۾ آيو ملڪ بدران پنهنجو بئنڪ بيلنس وڌايو، جڏهن ملڪ ۾ بدامني آهي ته پرڏيهي دهشتگرد ان جو فائدو وٺي سگهن ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پريس ڪلب ۾ مولانا عبدالجبار حيدري عبدالرشيد شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. اورنگزيب فاروقي چيو ته ڀارت، آمريڪا ۽ ايران پاڪستان ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن، گذريل عام چونڊن ۾ مخالف ڌر جو اميدوار 10 هزار جي واضح اڪثريت سان کٽيو هو پر ان ڏينهن ئي هارايو ويو هو. صاف ۽ شفاف چونڊن سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ايران مان تڪراري لٽريچر پکيڙيو پيو وڃي، هاڻي ايراني عالم تڪراري تقريرون ڪري ملڪ ۾ انتشار پکيڙي رهيا آهن. اصحابن ۽ اهل بيت جي توهين ڪرڻ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ قانون ٺاهيو وڃي، حڪومت گستاخي واري مواد هٽائڻ واري حڪم تي عمل نه ڪري سگهي آهي.

پنھنجي راءِ لکو