28

“بخشاپور: مڙس پاران زال کي گهٽا ڏئي قتل، لاش گهر ٻاهران ڦٽو ڪري فرار”

ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ بخشاپور لڳ جوابدار مڙس پنهنجي زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش پئ جي گهر جي ٻاهران ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو پوليس لاش تحويل م وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو لاش گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو منهنجي ڌيءَ کي مڙس گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي مقتولا عورت جي وارثن جو صحافين سان ڳالهيون واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن پوليستفصيل موجب بخشاپور لڳ بخشاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ بچيو خان جکراڻي م جوابدار محمد صوابي جکراڻي پنهنجي گهر واري مسمات 22 سالن جي صدروري خاتون کي گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش مقتولا عورت جي والد جي گهر ٻاهران ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو اهڙو اطلاع بخشاپور پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل م وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو ان موقعي تي مقتولا عورت جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي نوجوان ڌئ کي پنهنجي مڙس محمد صوابي جکراڻي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي مڙس ٿوري ٿوري ڳالھ تي مارڪٽ پڻ ڪندو هو هن وڌيڪ چيو ته منهنجي ڌئ کي قتل لاش گهر جي ٻاهران داسڪن م ڇڏي هليو ويو آهي اسان سان ظلم ٿيو آهي ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري جوابدار کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي بخشاپور پوليس موجب ته اسان کي اطلاع مليو ته عورت قتل ٿي آهي جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن پر جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو آهي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو