سکر نيشنل پريس ڪلب نيوز/هفتو اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل اسڪول ٽيچر جو سکر بئراج مان لاش هٿ، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، سکر بئراج جي ٽئين نمبر دروازي ۾ 25 ورهين جي نوجوان جو ڦاٿل لاش نظر اچڻ تي اي سيڪشن پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پوليس مقامي ٽوٻي ۽ سکر بئراج جي هيرو عبدالنبی ميراڻي معرفت لاش ڪڍرائي ايڌي ايمبولنس ذريعي سکر سول اسپتال پهچايو جتي صرافہ بازار جي رهواسي امين شيخ اچي نوجوان جي سڃاڻپ پنهنجي پٽ رافع شیخ طور ڪئي، پوليس مطابق فوتي جي والد نوجوان کي پاتل ڪپڙن، واچ توڙي ڳچي ۽ ٻانهن ۾ پاتل ڌاڳن وسيلي سڃاڻپ ڪئي، فوتي جي وارثن مطابق هڪ هفتي کان رافع شیخ گھران نڪرڻ کانپوءِ گم هيو، گهڻي ڳولا باوجود هو هٿ اچي نه سگهيو، گم ٿيڻ کان اڳ فوتي پنهنجي فيس بڪ تي ٽي اسٽيٽس اپلوڊ ڪندي لکيو هو ته ايڏي وڏي دنيا ۾ منهنجو واسطو ڀڙون سان پيو آهي، جنھن اسٽيٽس مان لڳي ٿو ته هو مايوس هيو ۽ شڪ آهي ته هن خودڪشي ڪئي آهي.
