“ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ضمني بلدياتي چونڊن لاءِ پولنگ جاري آهي.”

تفصيلن مطابق ڪراچي ۾ ضمني بلدياتي چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، پولنگ صبح 8 کان شام 5 وڳي تائين بغير وقفي جاري رهندي. ڪراچي جي ڏهن، حيدرآباد جي پنجن، نواب شاهه ۽ سکرنڊ جي چار، سکر ۽ ٽنڊو محمد خان جي ٻه ٻه، ٽنڊوالهياڙ ۽ گھوٽڪي جي هڪ هڪ سيٽ تي ضمني چونڊون ٿي رهيون آهن. ڪراچي ۾ 4 چيئرمين، 2 وائس چيئرمين ۽ 4 وارڊ ڪونسلر جي سيٽن تي پولنگ جاري آهي. ضلعي جنوبي جي يوسي 13 صدر ڪلفٽن ۾ چيئرمين جي چونڊ لاءِ 7 اميدوار مدمقابل آهن، ضلعي اوسطي جي يوسي 5 لبرگ ۾ وائس چيئرمين جي چونڊ لاءِ 6 اميدوار مدمقابل آهن. ضلعي اوسطي جي يوسي 7 لياقت آباد ۾ چيئرمين جي چونڊ لاءِ 8 اميدوار ۽ ضلعي کيماڙي جي يوسي 10 بلديه ۾ جنرل وارڊ نمبر 4 جي چونڊ لاءِ 5 اميدوار مدمقابل آهن. ان کان علاوه ضلعي ملير جي يوسي 9 ۾ چيئرمين جي چونڊ لاءِ 5 اميدوار، ضلعي ملير 7 ابراهيم حيدري ۾ جنرل وارڊ نمبر 4 جي چونڊ لاءِ 5 اميدوار، ضلعي غربي جي يوسي 5 منگهو پير ۾ جنرل وارڊ نمبر 4 جي چونڊ لاءِ 5 اميدوار ۽ ضلعي ڪورنگي جي يوسي 7 ڪورنگي ۾ جنرل وارڊ نمبر 1 جي چونڊ لاءِ 7 اميدوار ميدان ۾ آهن. ضلعي ڪورنگي جي يوسي 7 ماڊل ڪالوني ۾ چيئرمين جي چونڊ لاءِ 12 اميدوار ۽ ضلعي ڪورنگي جي يوسي 6 لانڍي ۾ وائس چيئرمين جي چونڊ لاءِ 8 اميدوارن جي وچ ۾ مقابلو آهي. شهر ۾ 167 پولنگ اسٽيشنن مان 136 انتهائي حساس، 26 پولنگ اسٽيشن حساس ۽ 5 نارمل قرار ڏنل آهن. انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳايا ويا آهن جڏهن ته اسٽيشنن تي 16 کان 18 اهلڪار تعينات ڪيا ويا آهن ۽ حساس پولنگ اسٽيشنن تي 8 کان 12 پوليس اهلڪار تعينات آهن. حيدرآباد ۾ چار يونين ڪاؤنسلن جي پنجن سيٽن تي مقابلو آهي، سکر ۾ ٻه بلدياتي سيٽن تي بائي الیکشن ٿي رهيا آهن جڏهن ته ضلعي شهيد بينظيرآباد جي تحصيل نواب شاهه ۽ سکرنڊ ۾ چار سيٽن تي ووٽنگ ٿي رهي آهي. گھوٽڪي ۾ اوباڙو جي يونين ڪاؤنسل ڪموں شهيد ۾ چيئرمين جي سيٽ تي مقابلو ٿيندو، ٽنڊوالهياڙ ۾ يونين ڪاؤنسل لانڍي جي وارڊ نمبر 2 تي جنرل ڪونسلر جي سيٽ تي پولنگ ٿي رهي آهي جڏهن ته جيڪب آباد ۾ ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 6 تي ضمني چونڊ ٿيندي.