غزه ۾ انسانيت جي مدد لاءِ ڪم ڪندڙ گروپن جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوجن 10 آڪٽوبر کان 13 نومبر جي وچ ۾ غزه ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 امدادي ڪارڪنن کي قتل ڪيو آهي، جن ۾ آڪسفيم جي عملي جا 4 ميمبر پڻ شامل آهن جيڪي واضح نشان وارن گاڏين ۾ سفر ڪري رهيا هئا. گروپن جي هڪ نئين رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عملي کي انهن جي گهرن ۾، بي گهر ماڻهن جي ڪيمپن ۾ ۽ جان بچائڻ لاءِ امداد پهچائيندي قتل ڪيو ويو، ڪيترن ئي امدادي ڪارڪنن پنهنجي قريبين ۽ رشتيدارن کي پڻ وڃايو. مارجي ويندڙن ۾ آڪسفيم جي هڪ پارٽنر سان گڏ چار انجنيئرز ۽ ڪارڪن شامل آهن، جيڪي 19 آڪٽوبر تي خان يونس جي اوڀر ۾، خزاعه ۾ پاڻي جي بنيادي ڍانچي جي مرمت لاءِ وڃي رهيا هئا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي اختيارين سان اڳواٽ رابطا ٿيڻ باوجود انهن جي واضح نشان واري گاڏي تي حملا ڪيو ويو. گذريل سال آڪٽوبر ۾ اسرائيل طرفان جنگ شروع ٿيڻ کان پوء غزه ۾ 300 کان وڌيڪ امدادي ڪارڪن مارجي چڪا آهن. هي دنيا ۾ ڪنهن هڪ بحران ۾ رڪارڊ ڪيل سڀ کان وڌيڪ تعداد آهي. واضح رهي ته اسرائيلي فوج شام ۽ لبنان جي سرحدي علائقن تي حملا ڪرڻ کانپوءِ بيروت جي ڏکڻ مضافات ۾ گولا باري جاري رکندي آهي. حزب الله جي سربراهه هڪ بيان ۾ گذريل ڏينهن فتح حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي دشمن کي شڪست ڏيڻ جو عهد ڪيو. غزه ۾ اسرائيل جي نسل ڪشي ۾ 7 آڪٽوبر 2023 کان اڃا تائين گهٽ ۾ گهٽ 43,712 فلسطيني شهيد ۽ 103,258 زخمي ٿي چڪا آهن. غزه تي جارحيت شروع ٿيڻ کانپوءِ لبنان ۾ اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3,365 ماڻهو مارجي ويا ۽ 14,344 زخمي ٿي چڪا آهن.