سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو)جيئي لطيف سنڌ سنگيت فنڪار ويلفئر ايسوسي ايشن سنڌ جي اڳواڻن جلال جوڳي۔ماسٽر فتح علي ۔محمد پناھ مهر۔حاجي علي حسن شيخ سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته برسات ٻوڏ متاثرين فنڪارن جي سهائتا لاء مهراڻ ڪلچرل ڪمپليڪس سکر موسيقي جو پروگرام ڪرايو پيو وڃي جڏهن ته جناح ميونسپل اسٽيڊيم سکر ۾ ثقافتي راندين ڪوڏي ڪوڏي ۽ ملھ جا مقابلا ڪرايا ويندا جنهن ۾ ناليوارا ملھ پهلوان ۽ ڪوڏي ڪوڏي جا رانديگر حصو وٺي رهيا آھن ڏينهن جو رادين جا مقابلا ٿيندا ۽ رات جي موسيقي پروگرام ٿيندو جنهن ۾ نالوارا راڳي فنڪار شمن علي ميرالي۔ممتاز مولائي۔جلال جوڳي۔فتح علي سمون۔غلام حسين عمراڻي۔جونيئر علڻ فقير۔ضامن علي۔صنم سنڌو۔نغمه ناز۔ندا علي سميت 20 کان وڌيڪ فنڪار فن جو مظاهرو ڪندا ۔فيملي چيئرٽي پروگرام 24.25 .26 ڊسمبر تي ٽن ڏينهن وارو رنگارنگي پروگرام ٿيندو جنهن ۾ سنڏ واسين ۽ سکر جي شھرين کي پروگرام ۾ ڀرپور شرڪت ڪري برسات متاثر فنڪارن جي مدد ڪندا جيئي لطيف سنڌ سنگيت فنڪار ويلفئر ايسوسي ايشن سنڌ۔سنڌ جي بيمار ۽ ٻوڏ متاثر فنڪارن جي مالي سهائتا لاء ٽن ڏينهن وارو پروگرام ڪرائي پئي جنهن ۾ فيمليز سان گڏ شريڪ ٿي سرد موسم ۾ موسيقي انجواء ڪندا۔
