تفصيلن موجب، ايف آءِ اي اين سي بي انٽرپول ڪارروائي دوران قتل جي ڪيس ۾ گهربل 2 خطرناڪ اشتهاري جوابدارن کي يو اي اي مان گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن علي رضا ۽ محمد نادر کي يو اي اي مان گرفتار ڪري لاهور ايئرپورٽ منتقل ڪيو ويو. ايف آءِ اي جي ترجمان موجب، گرفتار جوابدار پنجاب پوليس کي گهربل هئا. جوابدارن خلاف 2023 ۾ سرگودھا ۽ ڊي جي خان ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. جوابدار محمد نادر خلاف ٿاڻي ڪوٽ مبارڪ، ڊي جي خان ۾ ڪيس آهي، جڏهن ته جوابدار علي رضا خلاف ٿاڻي ڀڳتا والا، سرگودھا ۾ ڪيس داخل آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته جوابدار قتل ڪري پرڏيهه ڀڄي ويا هئا، ايف آءِ اي اين سي بي انٽرپول جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ريڊ نوٽيس جاري ڪيا هئا.