بارانِ رحمت لاءِ اڄ نماز استسقا جي اهتمام جو سرڪولر جاري۔

تفصيلن موجب، وزيراعظم شهباز شريف طرفان قوم کي بارانِ رحمت لاءِ نماز استسقا ادا ڪرڻ جي اپيل کان پوءِ وزارت مذهبي امور سرڪولر جاري ڪيو آهي. وزارت مذهبي امور اڄ نماز استسقا جي اهتمام لاءِ سرڪولر جاري ڪيو، جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي نماز جو اهتمام ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن. سرڪولر ۾ چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي سيڪريٽري اوقاف کي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو ويو. مراسل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ ۾ موجوده خشڪ سالي سبب صحت ۽ اسموگ جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، ان ڪري مسجدن جا پيش امام ۽ عوام مسنون صلاۃ الاستسقا جو اهتمام ڪن. وزارت مذهبي امور عوام کي خاص طور تي الله رب العزت کان مغفرت طلب ڪندي بارانِ رحمت لاءِ دعائون ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. ياد رهي ته وزيراعظم گذريل ڏينهن چيو هو ته بارش سان ماحول ۾ بهتري ايندي ۽ بيمارين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن وفاق ۽ صوبن جي سڀني مسجدن ۾ نماز استسقا جي اهتمام لاءِ زور ڏنو، ڇو ته موجوده حالتن ۾ بارانِ رحمت جي سخت ضرورت آهي. واضح رهي ته لاهور اڄ به دنيا جي سڀ کان وڌيڪ آلودگي وارن شهرن ۾ شامل آهي. ڌنڌ جي ڪري نظر جي حد ۾ گهٽتائي سبب ايئرپورٽ تي فلائٽ آپريشن متاثر ٿي رهيو آهي، جڏهن ته موٽروي جا مختلف سيڪشن ٽريفڪ لاءِ بند آهن. بهرحال، موسميات کاتي موجب رات دير سان هلڪي بارش جو امڪان آهي.