پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شيخ وقاص اڪرم پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان گفتگو ڪندي چيو ته 24 نومبر جو احتجاج صرف تحريڪ انصاف جو ناهي، پر اهو ملڪ ۾ انصاف جي حڪمراني لاءِ آهي. ان جو حصول صرف هڪ جماعت (پي ٽي آءِ) جي ماڻهن جي نڪرڻ سان نه ٿيندو، پر سڀني کي نڪرڻو پوندو. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ڪوشش آهي ته 24 نومبر تي وڌيڪ کان وڌيڪ ماڻهو احتجاج ۾ حصو وٺن. قانون جي عملداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ نوجوانن، طلبا، تاجرن ۽ سول سوسائٽي کي به ٻاهر نڪرڻ گهرجي. شيخ وقاص چيو ته جن کي اسان پيغام پهچائڻو هو، انهن تائين پهچايو ويندو. هن واضع طور چيو ته احتجاج ۾ صوبائي وسيلن جو استعمال ناهي ٿيندو، البت وزيراعليٰ جي سڪيورٽي سان جيڪو حفاظتي انتظام هوندو، اهو ڪي پي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور سان لازمي موجود هوندو. شيخ وقاص وڌيڪ چيو ته جنگ ۾ پسپائي ٿي سگهي ٿي، پر محاذ کي کلا نه ڇڏڻ گهرجي. پهرين احتجاج ۾ 35 ڪلاڪ کارکنن شيل کنيا ۽ ان باوجود ڊي چوک تائين پهچي ويا. 8 فيبروري تي ماڻهن ووٽ ڏنو هو، هاڻي 24 نومبر تي اسان پنهنجو مينڊيٽ واپس وٺنداسين. هن ٻڌايو ته اڄ پي ٽي آءِ جو اجلاس بلايو ويو آهي، جنهن ۾ بئرسٽر گوهر، سلمان اڪرم راجا ۽ ٻين اڳواڻن جي موجودگي هوندي. ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز پڻ ايندا، جتي احتجاج سان متعلق گفتگو ڪئي ويندي. پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو به چيو ته بشريٰ بي بي جي پاس پارٽي جو ڪو عهدو ناهي. ڪجهه رشتي اهڙا هوندا آهن، جن ۾ سياست نه هوندي آهي. جيڪڏهن هڪ زال پنهنجي مڙس لاءِ احتجاج ڪري، ته اهو سياست ناهي.