تفصيلن موجب، لاهور سميت پنجاب جا ڪيترائي شهر اسموگ جي اثر ۾ گهنجي رهيا آهن ۽ لاهور دنيا جي آلودہ ترين شهرن ۾ وري سر فهرست آهي، جتي ايئرڪوالٽي انڊيڪس 780 ريڪارڊ ڪيو ويو. ملتان 777 پوائنٽس سان ٻئي، راولپنڊي 312 پوائنٽس سان ٽئين، اسلام آباد 268 پوائنٽس سان چوٿين ۽ پشاور 210 پوائنٽس سان پنجين نمبر تي آهي. شديد ڌنڊ ۽ اسموگ جي ڪري حد نگاہ ۾ گهٽتائي سبب موٽرويز جي مختلف سيڪشنز کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي. موٽر وے جي ترجمان موجب، لاهور اسلام آباد موٽر وے ايم 2، لاهور سيالڪوٽ موٽر وے، موٽر وے ايم 3 لاهور کان درخان تائين، موٽر وے ايم 4 پنڊي ڀٽياں کان ملتان تائين ۽ موٽر وے ايم 5 ملتان کان سکھر تائين بند آهن. گذريل ڏينهن لاهور ۾ اسموگ بابت ٽيڪنيڪل رپورٽ ۾ اصل سبب گاڏين جي ڌوئن کي قرار ڏنو ويو. سرڪاري ذريعن موجب، 83 سيڪڙو اسموگ گاڏين جي ڌوئن جي سبب پکڙيل آهي، ۽ ماحولياتي کاتي پاران غفلت ڪندڙن جي نشاندهي ناهي ڪئي پئي وڃي. ذريعن مطابق، مشرقي طرفان اچڻ واريون هوائون پڻ کاتي جي ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ ذميوار قرار ڏنيون ويون، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعليٰ مريم نواز هڪ اعليٰ سطح جي ميٽنگ ۾ اسموگ تي برهمي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته “محڪمو هميشه اهو رپورٽ ڪندو رهيو آهي ته اسموگ روڪڻ جا قدم کنيا ويا آهن.” ان کان علاوه، فصلن کي جلائڻ سبب پنج سيڪڙو، فيڪٽريون جي ڌوئن سبب چار سيڪڙو، جڏهن ته تعمير ۽ معدنيات کان پڻ اسموگ ۾ اضافو ٿيو.