تفصيل موجب عمرڪوٽ جي ڳوٺ رانا جاگير ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي چاچي ٻن معصوم ڀائٽين کي ڪهاڙي جي وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. وارثن جو چوڻ هو ته جوابدار سترام ميگهواڙ ٻارن کي گهر مان جهنگ ۾ وٺي ويو ۽ کين ڪجهه ڏيڻ جي بهاني تي بيدردي سان قتل ڪري پاڻ به غائب ٿي ويو. وارثن جو چوڻ هو ته شام جو جڏهن کانئس پڇا ڳاڇا ڪئي ته هن ٻڌايو ته ٻارن کي هن ئي قتل ڪيو آهي پر جوابدار قتل جو سبب نه ٻڌايو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وحشي چاچي سترام کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار جي نشاندهي تي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. اختيارين جو چوڻ آهي ته جاچ جاري آهي ته ٻارڙن کي ڇو قتل ڪيو ويو، ٻارڙن جي عمر هڪ کان اڍائي سالن جي وچ ۾ آهي. ياد رهي ته سلطان نالي ٻارڙي جي قتل جو واقعو گوجرانوالا جي اروپ ٿاڻي جي حد رحمان آباد ۾ پيش آيو، جتي چاچو غلام دستگير ۽ چاچي عاشي معصوم ٻارڙن جا دشمن بڻجي ويا. هنن مبينا طور تي معمولي ڳالهه تان 7 ورهين جي سلطان ۽ 2 ورهين جي ثقلين کي لٺن جا وار ڪيا، جنهن سبب 2 ورهين جو ٻارڙو زخمي ٿي پيو، جڏهن ته 7 ورهين جو سلطان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.