سنڌ جي 18 ضلعن ۾ ضمني چونڊن ۾ ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، غير حتمي نتيجن جي تحت سنڌ جي 18 ئي ضلعن ۾ پيپلز پارٽي جا اميدوار اڳتي آهن. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ به ضمني چونڊون کٽي ورتيون آهن. ضمني چونڊن ۾ چيئرمين جي 4 مان 3 سيٽن تي پيپلز پارٽي اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن جڏهن ته وائيس چيئرمين جي 1-1 سيٽ تي پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي جي اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. چيئرمين جي هڪ سيٽ جو نتيجو اڃان رهيل آهي، ضلعي ڪورنگي يوسي 7، چيئرمين جي سيٽ جو نتيجو جاري ناهي ڪيو ويو. ڪراچي جي صدر ٽائون يوسي 13 جو وڏو مقابلو پيپلز پارٽي جي ڪرم الله وقاص وڏي مارجن تان کٽي ورتو. پيپلز پارٽي اميدوار 3 هزار 616 ووٽ کڻي چيئرمين چونڊجي ويو، ان جي مقابلي ۾ جماعت اسلامي جي نور اسلام 759 جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار بابر خان صرف 678 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب حيدرآباد جي يوسي 125 تي به پيپلز پارٽي جو اميدوار استحان برڪت ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب ڪراچي ۾ جنرل وارڊ جي 4 سيٽن مان 3 تي پيپلز پارٽي جڏهن ته هڪ سيٽ تي جماعت اسلامي جو اميدوار ڪامياب قرار ڏنو ويو. ڪراچي ۾ جماعت اسلامي ڪورنگي جي يوسي 7 ماڊل ٽائون جي نتيجن ۾ مبينه تبديلي جو الزام لڳائيندي ڊي آر او ڪورنگي جي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. جماعت اسلامي جي اڳواڻن دعويٰ ڪئي ته فارم 11 موجب جماعت اسلامي جو اميدوار ڪامياب ٿي چڪو آهي پر پيپلز پارٽي جي اڳواڻ وقار مهدي جماعت اسلامي جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي حيدرآباد، سکر، نوابشاهه گهوٽڪي، مٽياري، ٽنڊوالهيار، ٽنڊومحمدخان، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، قمبر شهدادڪوٽ ۽ نوشهروفيروز ۾ به صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين پولنگ جو عمل جاري رهيو. چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ جنرل ڪونسلر سميت ٻئي ڪيٽيگريز لاءِ ووٽ وڌا ويا. غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو نوابشاهه سميت ٻين ضلعن ۾ گهڻيون سيٽون پيپلز پارٽي حاصل ڪيون جڏهن ته ڪجهه سيٽن تي آزاد اميدوار به ڪامياب ٿيا. غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب حيدرآباد ۾ پيپلز پارٽي 2 چيئرمين ۽ هڪ وائيس چيئرمين جي سيٽ حاصل ڪئي. جڏهن ته ساڳئي شهر جي يوسي 125 قاسم آباد جي چيئرمين جي سيٽ تي پيپلز پارٽي جو استحسان برڪت ٻٻر 310 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. حيدرآباد جي علائقي حسين آباد ٽائون جي يوسي 140 تي به پيپلز پارٽي جو ذوالفقار جانوري چيئرمين ۽ عمران بلوچ وائيس چيئرمين چونڊجي ويا. جڏهن ته يوسي 50 جي چيئرمين جي سيٽ تي آزاد اميدوار عدنان رشيد 220 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. سکر جي ٻنهي بلدياتي سيٽن تي پيپلز پارٽي ميدان ماري ورتو. يوسي سنگرار جي چيئرمين جي سيٽ تي پيپلز پارٽي جي مريد عباس شاهه 4 هزار 728 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته يوسي بيراج ڪالوني جي وائيس چيئرمين جي سيٽ تي به غير سرڪاري غير حتمي نتيجي موجب پيپلز پارٽي جو ارشاد سولنگي هڪ هزار 212 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. لاڙڪاڻي ۾ رتوديرو جي وارڊ نمبر 2 جي جنرل ڪونسلر جي سيٽ تي به پيپلز پارٽي جو منٺار عمراڻي ڪامياب ٿيو. جڏهن ته نوشهروفيروز جي يوسي نئون آباد جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب پيپلز پارٽي جو اميدوار فدا حسين 2 هزار 206 ووٽ کڻي چيئرمين چونڊجي ويو. قمبر شهدادڪوٽ جي يوسي لاکا جي جنرل ڪونسلر جي سيٽ تي آزاد اميدوار عبدالقيوم لاکو ڪاميابي حاصل ڪئي. گڏيل طور تي پولنگ جو عمل پرامن رهيو پر مٽياري ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 7 تي پولنگ جي دوران جي يو آءِ ۽ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ کان پوءِ جهيڙو ٿي پيو، حيدرآباد جي يوسي 51 ۾ پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ ووٽن جي ڳڻپ دوران به جهيڙو ٿيو، پوليس موقعي تي پهچي جهيڙي کي ختم ڪرايو.