ڪنڌڪوٽ:قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن گھنٽا گھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر وڌنڌڙ بدامني، اغوا براءِ تاوان خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن گھنٽا گھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شريڪ سوين ڪارڪنن بدامني خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي ان موقعي تي اياز لطيف پليجو ريلي کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ضلعي ۾ بدامني سبب ھتان جي عوام پريشان آهي امن امان جي بحالي ۽ عوام جي تحفظ خاطر ھتان جي چونڊيل نمائندن جي خاموشي پوليس عملدارن پاران ڏوھارين خلاف سخت ڪاروائي نه ڪرڻ سبب عوام بدامني جي ور چڙھيل آهي سنڌ پاڪستان جي شه رڳ آهي سنڌ پاڪستان جي قرارداد پاس ڪئي ھئي سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهڻ نه ڏينداسين سنڌ سنڌين جي ڌرتي آهي سنڌ جي وسيلن تي ڌرتي ڌڻين جو حق آهي ۽ رھندو حڪمران سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهڻ جي چال ۾ ناڪام ثابت ٿيندا ان جو وڌيڪ چوڻ ھو ته سنڌ جي سر زمين جا مالڪ فقط سنڌي آهن افغانين جي سنڌ ۾ اچڻ واري سلسلي کي سنڌ حڪومت کي روڪڻو پوندو اسين پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪري رھيا آھيون ريلي جو مقصد صرف اھو آهي ته ڪنڌڪوٽ جي عوام کي جاڳائڻو آهي ضلعي ڪشمور ۾ وڌنڌڙ بدامني۔ اغوا ۔ ڦرون ۽ قبيلائي دھشتگردي جي وڌندڙ واقعن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ شھر جي مئن انڊس ھا۽ وي تي احتجاج۔ ان موقعي تي ھن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ کي پ پ وارن ھٿ سان تباھ ڪري ڇڏيو آھي۔ سنڌ حڪومت امن امان کي ھٿ سان تباھ ڪري عوام کي باشعور ٿي حقن جي حاصلات کان پري ڪرڻ واري عمل ۾ مصروف آھي۔ سياستدان رڳو مال ميڙڻ ۾ پورا آھن۔ ھڪ پاسي برساتن سنڌ جي عوام جو فصل تباھ ڪري ڇڏيو ٻيو وري اغوا ڌاڙا ۽ ڦرون به عام ٿي ويون آھن۔ غريب ۽ مظلوم ماڻھو ٻٽي عذاب جي ور چڙھيل آھن اھي پنھنجو پيٽ پالين يا ڏوھارين کي ڀنگ ڏين۔ ھن چيو ته مھا ٻوڏ جي وقت به مون مئن انڊس ھا۽ وي تي ڌرڻو ھنيو ھيو۔ عوام کي سنڌ جي حڪمرانن پنھنجي ڪرپشن کي لڪائڻ خاطر عوام کي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آھي۔ ھن چيو ته اسان ڪشمور جي عوام سان ھن ڏکئي موڙ تي گڏ آھيون ۽ اڳتي به گڏ رھنداسين۔ قومي عوامي تحريڪ سنڌ جي عوام سان ٿيل زيادتين خلاف سراپا احتجاج بڻيل آھي

پنھنجي راءِ لکو