25

ڪراچي سميت سنڌ ڀر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تير جو جادو هلڻ لڳو، بلاول ڀٽو جي ڪاميابي تي اظهارِ تشڪر.

تفصيلن موجب، چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو بلدياتي ضمني چونڊن ۾ پارٽي جي ڪاميابي تي اظهارِ تشڪر ڪندي سڀني ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ۽ جِيالن کي شاباشي ڏني. چيئرمين پي پي چيو ته ڪراچي سميت سنڌ ڀر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تير هلڻ لڳو، بي بي شهيد جا جِيالا کٽي ويا، بلدياتي ضمني چونڊن ۾ پارٽي جي ڪاميابي عوام جي اعتماد جو مظهر آهي. هن چيو ته عوام هڪ ڀيرو ٻيهر نفرت ۽ ورهاڱي جي سياست کي رد ڪري عوامي خدمت کي چونڊيو، ڪراچي ۾ پي پي اميدوارن جو وڏي مارجن سان جتڻ ۽ سوئپ ڪرڻ تاريخي پيش رفت آهي، ۽ يقين آهي ته پيپلز پارٽي جا نوان منتخب بلدياتي نمائندا عوام جي اعتماد تي پورو لهندا.

چيئرمين پيپلز پارٽي وڌيڪ چيو ته چونڊن ۾ ڪاميابي توهان جي ڳڻتيءَ ۽ امتحان جو آغاز آهي، توهان کي محدود وسيلن ۽ وڌيڪ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو، پر مسئلن جو حل پارٽي جي ويزن جي نفاذ ۽ توهان جي محنت ۾ آهي.

ياد رهي ته ڪراچي جي 10 بلدياتي ۽ هڪ ڪنٽونمينٽ جي سيٽن تي چونڊن ۾ 9 سيٽون حاصل ڪري پيپلز پارٽي ميدان ماريو. شهر قائد ۾ ضمني بلدياتي چونڊن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن مطابق، پيپلز پارٽي 4 چيئرمين، 4 ڪائونسلرز ۽ هڪ وائس چيئرمين جي سيٽ حاصل ڪئي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو