ڪنڌڪوٽ :ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ معصوم ٻارن جي اغوا واري واقعي خلاف:احتجاجي ريلي ڪڍي

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ )ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ معصوم ٻارن جي اغوا واري واقعي خلاف جمعيت علماء اسلام پاران مدرسه دارالقرآن کان مفتي عبدالرحيم پٺاڻ، مولوي شمس الدين ڀيري، مولوي عبدالعزيز سميجو، مولوي محمد صلاح ملڪ، مولوي خان محمد ملڪ، مولوي جمال الدين اوڳاھي، ميان خالد حسن، حافظ برڪت اللّٰه گولو، حافظ عرفان اللّٰه کوسو، جي ٽي آءِ آڳواڻ مولوي عرفان علي کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪن گھنٽا گھر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي امن کپي امن کپي، اغوا چوريون ڌاڙا نامنظور، بازياب ڪرايو معصوم مغوي سينگار ملڪ سميت ٻين مغوين کي بازياب ڪرايو جي نعريبازي پڻ ڪئي انھي موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائیندي چيو ته پوليس امن امان بحال ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي سينگار ملڪ سمیت 18 ڄڻا ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام نظر اچي رھي آهي انھن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته شھر ۾ بدامني تي ڪنٽرول ڪري شھرين کي سک سان جيئڻ جو حق ڏنو وڃي اغوا ڦرن جي واقعن ۾ ملوث ڏوھارين کي گرفتار ڪري تمام مغوين کي جلد بازياب ڪرائي امن امان شھر ۾ قائم ڪيو وڃي جيستائين مغوي بازياب نه ٿيندا شھرين کان ڦر ٿيل ۽ چوري ڪيل سامان واپس نه ٿيندا تيستائين احتجاج جاري رکيو ويندو،

پنھنجي راءِ لکو