سائنس، ٽيڪنالاجي، ۽ آرٽ جي نمايان ڪارناما، شاگردن جي محنت کي واکاڻ”

ڪشمور سنڌ حڪومت پاران پوري سنڌ ۾ سائنس ٽيڪنالاجي انجنيئرنگ، آرٽ اينڊ ميٿ اسٽيم پروگرام تحت ٿيندڙ سائنسي ميلي جي سلسلي ۾ گورنمنٽ بوائيز ھائر سيڪنڊري اسڪول گڊو ۾ اسڪول جي هيڊ ماسٽر استاد حاجن علي لاشاري، نظير احمد کوسو، فقير محمد ڪلھوڙو، محمد خان نوناري، ٽي اي او سيڪنڊري ميل ڪشمور استاد اقبال احمد کوسو، محمد ايوب چاچڙ، پرنسپال ھائير اسڪول ڪشمور استاد غلام قادر کوسو، ٽي اي او سيڪنڊري فيميل ڪشمور ميڊم خديجا مزاري، ميڊم شاھين ۽ ٻين جي نگراني ۾ سائنسي ميلو لڳايو ويو جڏهن ته سائنس، آرٽ اينڊ ميٿ ميلي ۾ گورنمينٽ بوائيز ھائير سيڪنڊري اسڪول گڊو جي شاگردن پاران مائڪرو اسڪوپ، ايٽامڪ اسٽرڪچر ماڊل، ڊسٽل واٽر ماڊل فلوٽنگ بوٽ ماڊل، ميوزيڪل انسٽرومنٽ ماڊل، سولر پروجيڪٽ ماڊل ڪمپائونڊ مائڪرو اسڪوپ ماڊل آتش فشان ماڊل، نيوٽنگ جو ٿرڊ لا، ڪيميڪل بانڊنگ، گهرن جي تعمير، هيومن يورينري سسٽم سميت مختلف نمائشي ماڊلز ۽ منصوبا تيار ڪري نمائش لاءِ پيش ڪيا ويا جڏهن ته اسٽيم نمائشي ميلي ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ماڊل ۾ نيوٽن جو ٿرڊ لا، ڪيميڪل بانڊنگ ، فلوٽنگ بوٽ ، ميوزيڪل انسٽرومنٽ، سولر سسٽم هيومن يونيري سسٽم ماڊلز شامل آهن، جڏھن ته گورنمينٽ بوائيز ھائير سيڪنڊري اسڪول گڊو ۾ لڳايل نمائشي ميلي ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول گڊو، گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول گڊو، گورنمينٽ گرلز ھاءِ اسڪول گڊو جي شاگردن ۽ شاگردياڻين شريڪ ٿي گورنمينٽ بوائيز ھائير سيڪنڊري اسڪول گڊو جي شاگرد پاران اسٽيم ميلي ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيل ماڊلز ۽ منصوبن کي ڏسڻ بعد واکاڻ ڪئي آهي جڏهن ته ان موقعي تي استادن فقير محمد ڪلوڙ، جونيد احمد جکراڻي، الطاف حسين کوسو ۽ شاگردن نياز احمد ملڪ، ارسلان نوناري، غلام رسول ملڪ، ڳالھائيندي چيو ته هي سائنسي دور آهي سائنس جي ميدان ۾ دنيا سان ڪلهو ڪلهي سان ملائڻ سان ئي ترقي ممڪن آهي ھنن وڌيڪ چيو ته محدود وسيلا هجڻ باوجود پٺتي پيل علائقن جي شاگردن پاران اهڙا ماڊلز تيار ڪرڻ ھتي پڙهائيندڙ استادن جي محنت ۽ شاگرد جي چاھ کي ظاهر ڪري ٿو اميد ته هن سائنسي ميلي ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ماڊلز اڳتي به ڪامياب ماڻي پنهنجي ملڪ نالو روشن ڪندا.