ايڊيشنل آئي جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو جو گرو نانڪ دربار جو دورو: بابا گرو نانڪ جي 555هين سالگره جي تقريبن جي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو.

ايڊيشنل آئي جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو بابا گرو نانڪ جي 555هين سالگره جي موقعي تي گرو نانڪ دربار جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ايس ايس پي سٽي ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا. پوليس چيف سِک برادري جي بابا گرو نانڪ جي سالگره جي تقريبن بابت سيڪيورٽي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو. پوليس چيف گرو نانڪ دربار جي صدر سريش پسواڻي، ديپڪ ڪمار، ۽ کيلاش اڊواڻي سان ملاقات ۾ سيڪيورٽي انتظامن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن تي انتظاميا اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پوليس چيف جي آمد تي شڪريو ادا ڪيو. ان موقعي تي انتظاميا پاران پوليس چيف کي گلن جو گلدستو ۽ تحفا پيش ڪيا ويا. ڪراچي پوليس عوام جي تحفظ جي ضامن آهي ۽ ان سلسلي ۾ سمورا موجود وسيلا استعمال ڪندي عوام جي تحفظ ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻايو پيو وڃي.