لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد باقراڻي روڊ واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري ڪرياني جي دڪاندار 45 سالا مختيار ميمڻ کي تڏي تي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان دڙي ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب موٽرسائيڪل سوار صبح جي وقت موٽر سوار 3 هٿياربندن فائرنگ ڪري ڪرياني جي دڪاندار مختيار ميمڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، اهڙي واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون.